علم عروض 2

علم عروض 2

علم عروض 2

علم عروض 2 (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ ۾ علم عروض جي فن تي هي آسان انداز ۾ لکيل ڪتاب سترام داس سائل جو آهي. ڪتاب بابت پروفيسر قلندر لڪياريءَ ‘لاجواب سوکڙي’ جي عنوان سان ‘ٻه اکر’ ۾ لکيا آهن. ڪتاب کي ٻن بابن ۾ ورهايو آهي. پهرئين باب ۾ علم عروض جي بنيادي قاعدن، بحرن، زحافن (عروض جي بحرن جي رڪنن جا قسم) ۽ تقطيع بابت مختصر پر نهايت آسان سمجهاڻيون ڏنل آهن، جڏهن ته ٻئي باب ۾ صنايع ۽ بدائع بابت مثالن سان وضاحتون ڏنل آهن. 60 صفحن تي ڊيمي سائيز ۾ هي شاهڪار ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان 2013ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو